سنڌ ۾ برسات بعد قيامت جا منظر، اجهي ۽ ڳڀي جي ڳولا، 60 کان وڌيڪ فوت

ڪراچي: سنڌ ۾ برسات رڪجڻ باوجود تباهيون بند نه ٿيون، قيامت جا منظر سامهون اچي ويا، گهر ڊهڻ سميت مختلف واقعن ۾  معصوم ٻارن ۽ عورتن سميت وڌيڪ 60 کان مٿي ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.

والدين سامهون معصوم ٻارن جي حياتي جا ڏيئا گل ٿيندا رهيا. مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ فوتگيون ٿيون. جنهن تحت قمبر ۾ 5، وارهه 1، نواب شاهه 1، لکي غلام شاهه ۾ 6. ٿرڙي محبت ۾ 1، سکر  2، جيڪب آباد 1، ٽنڊو مستي   2  ،  لاڙڪاڻي 2، ڪوٽ لالو ۾ هڪ. ٺل ۾  3، سکر  2، گهوٽڪي سرحد 1 ، ڏوڪري  1، سٺ ميل 1 ڏهرڪي 1  ، احمد پور ۾  5  ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، قمبر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ چوماسي جي برساتن کانپوءِ مختلف ڳوٺن ۾ برسات سبب گهر جون ڇتيون ڀتين ڪرڻ سبب قمبر جي بروھي محله ۾ مختيار شيخ فوت ٿي ويو ڪوٽ غلام شاهه ۾ عورت سردار خاتون زال لعل بخش ڪلهوڙو ڇت ڪرڻ سبب فوت ٿي وئي جڏهن ته ڳوٺ حاصلا ۾ گهر ڇت ڪرڻ سبب سڌير حاصلو ٿڏي تي فوت ٿي ويو سندس گهر واري مردان خاتون ۽ ننڍڙي اسري زخمي ٿي پئي.

قمبر جي ڳوٺ ڦال ۾ ڇت ڪرڻ سبب زبيده مگسي ٻن ٻارڙن سميت فوت ٿي وئي ڪيترن ئي هنڌن تي گهرن جون ڀتيون ڇتيون ڪرڻ سبب ماڻهو بي گهر ٿي ويا ٻهراڙيء ۽ شهر جي ماڻهن سرڪاري عمارتن اسڪولن ڪاليج ۽ روڊن تي کٽون ٽنگي پناهه ورتي آهي جڏهن ته انتظاميا جي سهڪار نه ڪرڻ جون برسات متاثر دانهون ڪندا رهيا.

وارھ، ۾ پاڻي بيهڻ ڪري گيسٽرو وڌي وئي ،ڳوٺ صاحب خان تنيو ۾ ٻن سالن جو ٻار الٽي دست سبب فوت ٿي ويو لڳاتار ھلندڙ برسات تباھي مچائي ڇڏي،سوين ڳوٺن ۾ پاڻي بيهجي ويو ، لڏ پلاڻ جاري  آهي. ڳوٺ جوڻاڻي شريف ۾ ڇت ڪرڻ سبب بشير تنيو،فريد سومرو سميت ڇھ زخمي ٿي پيا جن کي ڳوٺاڻن بروقت ڪڍي بچائي ورتو،جڏھن ته سندن چار ٻڪريون دٻجي مري ويون،قديمي تاريخي ڳوٺ جوڻاڻي شريف ۾ خانپور سومرا محلا،کرل پاڙو، تنيا پاڙو، قريشي برادري،لاشاري پاڙو جي ڪچي آبادي مڪمل تباه ٿي وئي.

ڳوٺ جانڊاھي،ٻڍاپور جا گهر مڪمل تباه ،يوسي ميرپور،يوسي حمل يوسي ،جوڻاڻي جا  ڪيترائي ڳوٺ زميني رابطي کان ڪٽجي ويا،ڳوٺ رتو ڪلهوڙو ۾ گهر جا ٻه ڀاتي ڇت ھيٺان اچي ويا, ھزارين خاندان بي گهر ٿي ويا ،علائقي ۾ گيسٽرو ڪر کنيو ،الٽين ۽ دست سبب ڳوٺ صاحب خان تنيو ۾ ٻن سالن جو مدثر پٽ وسيم علي تنيو فوت ٿي ويو، روزانو سوين ڪيس ٿيڻ لڳا،پي پي ايڇ آء ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون اڻلڀ آهن. نوابشاھ جي علائقي گلشن بھار ڪالوني ۾ نينگر برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي پيو.  نينگر جي سڃاڻپ علي کوسو جي نالي ٿي ڪالوني ۾ ڇھن ورھين جو گلن جھڙو معصوم ٻارڙو علي جان ولد رفيق کوسو گھر آڏو بيٺل برساتي پاڻي ۾ ٻُڏي فوت ٿي ويو. لکي غلام شاھ ۾ برسات جون تباهيون جاري آهن.

چڪ  شھر ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ئي گهر جا ڳورهاري عورت 5 ٻارن سميت فوت مڙس زخمي ٿي پيو. ڳوٺ ڊونگائي ۾ به نوجوان دٻجي فوت ٿي ويو ڪيتريون ئي جايون ڪري پيون هزارين ايڪڙ فصل تباھ ٿي ويا.

لکي غلام شاھ تعلقي  ۾ 5 ڏينهن کان هلندڙ تيز طوفاني برسات جون تباه ڪاريون جاري آهن. هڪ ڏينهن ۾ ڳورهاري عورت سميت 7 ڄڻا فوت ٿي ويا چڪ شھر ۾ رازي نزاڪت علي سيٺار جي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب سندس گهر واري مسمات تهمينا خاتون 2 پٽ وارث علي عباس علي سيٺار 3 ڌيئرون بختاور سڪينا فاطما سيٺار دٻجي فوت ٿي ويا جڏھن ته نزاڪت علي سيٺار زخمي ٿي پيو. جاري طوفاني وسڪارن ھزارين گهر اُجاڙي ڇڏيا، گهرن جون ڇِتيون ۽ ڀٽيون ڊهڻ سبب معصوم ٻارن ۽ عورتن سوڌو وڌيڪ 60 ڄڻا اجل شڪار ٿي ويا آھن.

خيرپور جي علائقي احمد پور ۾ مسجد ڊهي پئي، گهر ڊهڻ سبب مسجد ۾ پناهه وٺندڙ 5 ڄڻا دٻجي اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڪنڌرا ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب پورهيت جا 2 پُٽ ۽ هڪ ڌيءُ اجل جو شڪار ٿي ويا.

گهوٽڪي جي علائقي سرحد ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب عورت فوت ٿي وئي، نئون ديرو ۾ ٿاڻي جي اڳيان گهر ڊهڻ سبب نوجوان دٻجي دم ڏئي ڇڏيو، تنگواڻي ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب عورت دٻجي فوت ٿي وئي ۽ مڙس زخمي ٿي پيو. ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ حڪيم سنديلي ۾ گھر جي ڇت ڪرڻ سبب پيرسن عورت فوت ٿي وئي، فوتي عورت ھڪ ڏينھن اڳ ۾ گھر جي ڀت ڪرڻ سبب زخمي ٿي پئي ھئي.

رات لاڙڪاڻي جي اسپتال مان علاج بعد گھر واپس آئي ھئي تھ رات جو دير سان وري گھر جي ڇت ڪرڻ سبب فوت ٿي وئي.  سٺ ميل ڀرسان ڪچو گهر ڊهي پٽ پئجي ويو، ناري دٻجي فوت ٿي وئي نينگر زخمي ٿي پيو، ڏهرڪي ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب پيرسن فوت ٿي ويو.

ٿرڙي محبت لڳ ڪچو گهر ڊهڻ سبب گهر ڌڻي دٻجي فوت، بهرام ويجهو گهر ڊهڻ سبب پيرسن دم ڏئي ڇڏيو، سکر ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب عورت حياتي وڃائي ويٺي، جيڪب آباد ڀرسان گهر ڊهڻ سبب نينگر دٻجي فوت ٿي ويو، عورتن سوڌو 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا.  سکر ۽ قادر پور ۾ ڇِتيون ڊهڻ سبب 2 عورتون فوت، جيڪب آباد ڀرسان گهر ڊهڻ سبب نينگر دٻجي فوت، ٽنڊو مستي ڀرسان گهر ڊهڻ سبب 2 معصوم ڀينرون فوت ٿي ويون.لاڙڪاڻو ۾ گدام جي ڇِت ڪرڻ سبب عورت سوڌو 2 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا.

ڪوٽ لالو ۾ ڀِت ڪرڻ سبب پيرسن عورت دٻجي فوت، پنو عاقل شهر ۾ ڀِت ڪرڻ سبب نينگري دم ڏئي ڇڏيو.ٺل ڀرسان برسات دوران گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 3 نينگريون دٻجي ويون، جنهن سبب گهر ۾ ڪهرام متل آهي.ڳوٺ محبوب سميجو ۾ ڇت ڪرڻ سبب نينگري آمنا ڌيءُ عبدالسلام سميجو دٻجي فوت ٿي وئي.غلام رسول کوسو ۾ اسڪول ۾ ويٺل متاثرن مٿان ڀت ڪري پئي، نينگري صائما مڱڻهار فوت ٿي وئي. خيرپور ۾ مسلسل 90 ڪلاڪن کان  برسات پوڻ سبب تباهي اچي وئي، جنهن سبب 11  ڄڻا  اجل جو شڪار ٿي ويا.

خيرپور ضلعي ۾ اڪثر رستا  برسات جي پاڻي ۾ ٻڏي ويا،  مختلف هنڌن تي 3 کان 6 فٽ پاڻي بھجي ويو شھر جي مک روڊن مهراڻ يونيورسٽي روڊ ،  ڪچھري روڊ ،، سوڪ سينٽر روڊ،  اسٽيشن روڊ، جيلاني محلا روڊ  چانڊيا  موڙ   سميت شھر مان برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آھي  ٽالپر ڪالوني ، ڳاڙھي پل ، سٽيزن ڪالوني ، ڊرگهه پور محلا  ، يتيم شاهه ڪالوني ، مل ڪالوني ،  گلستان ڪالوني اوسته گاھي لقمان جي الله آباد ڪالوني ۽ ٻين ھيٺاھين علائقن ۾ برسات جو پاڻي جمع ٿيڻ سبب عام  زندگي مفلوج بڻجي وئي آھي  خيرپور ضلعي ۾ هزارين  گھر ڪري پيا  آھن  جنهن جي نتيجي ۾ خيرپور مختلف علائقن ۾ 85  ماڻھو زخمي  ٿي پيا آھن جڏهن ته 90 ڪلاڪن ۾   برسات دوران 11 ماڻھون اجل جو شڪار ٿي ويا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔