پاڪ فوج خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙ ٽولي جي اڳواڻن جو پتو پئجي ويو

اسلام آباد: پاڪ فوج خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙ ٽولي جي اڳواڻن جو پتو پئجي ويو آهي .  لسٻيلو هيلي ڪاپٽر جي انڪوائري رپورٽ ۾ وڏا انڪشاف سامهون آيا آهن ، جن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فوج خلاف مهم هلائڻ وارن 178 اڪائونٽس جو تعلق پي ٽي آءِ سان آهي .

رپورٽ ۾ چيو ويو  آهي ته لسٻيلو هيلي ڪاپٽر حادثي کانپوءِ سوشل ميڊيا مهم ۾ ڪل 580 اڪائونٽس وسيلي 2 هزار 350 پوسٽون ڪيون ويون جن ۾ 18 ڀارتي اڪائونٽ به شامل هئا .

رپورٽ موجب شهيدن ۽ پاڪ فوج جي خلاف مهم هلائيندڙن تي پيڪا ۽ تعزيرات پاڪستان هيٺ ڪيس داخل ڪيا ويندا جڏهن ته ملوث ماڻهن کان جاچ کانپوءِ انهن جي هينڊلرز ۽ ماسٽر مائينڊز تائين پهچي سگهبو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔