پاڪستاني فلم ملاقات آسڪر ايوارڊ لاءِ چونڊجي وئي

ڪراچي: مشهور پاڪستاني فلم ساز سيماب گل جي مختصر فلم ”ملاقات سينڊ اسٽروم“ هالي شارٽس فلم فيسٽول جي ذريعي آسڪر ايوارڊ جي لاءِ چونڊجي وئي آهي .

فلم ملاقات 11 آگسٽ کان 20 آگسٽ تائين جاري رهندڙ هالي شارٽس فلم 2022 جي بهترين مختصر فلمن جي ڪيٽيگري ۾ ”بيسٽ لائيو ايڪشن ايوارڊ “ پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي .

هن فيسٽول جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان جا ٽاپ 3 پوزيشن هولڊر پنهنجو پاڻ آسڪر جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويندا آهن ، اهو ئي سبب آهي ته بيسٽ لائيو ايڪشن ايوارڊ سان گڏ گڏ پاڪستاني فلم آسڪر ايوارڊ جي ڊوڙ ۾ به شامل ٿي چڪي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔