اقتدار جو نشو هڪ شخص کي هر روز چريو ڪري رهيو آهي:آصف علي زرداري

ڪراچي: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آھي ته اقتدار جو نشو هڪ شخص کي هر روز چريو ڪري رهيو آهي، جاري بيان ۾ آصف علي زرداري چيو تھ ملڪ جي چئني صوبن ۾ برساتن سبب هنگامي صورتحال آهي

جاري بيان ۾ ھن چيو تههن وقت سڀني کي سياست ڇڏي برسات سبب متاثر ٿيندڙن جي مدد ڪرڻ گهرجي، سنڌ ۾ ٻوڏ سبب  صورتحال خراب ٿي وئي آھي، متاثرن جي مدد ڪرڻ گھرجي

ملڪ ۾ هڪ شخص کي ڏينهون ڏينهن اقتدار جو نشو چريو ڪري رهيو آهي، اُهو فوج، پوليس سميت عورت جج کي به ڌمڪائي ٿو ۽ هاڻي وري چوي ٿو ته مونکي گرفتار ڪيو

آصف علي زرداري چيو ته هاڻي عدليه کي ڏسڻو پوندو ته ڇا اِهو شخص قانون کان مٿانهون ٿي ويو آهي، هُن شخص مون، نواز شريف، فريال ۽ مريم نواز خلاف به انتقامي ڪارروائي ڪئي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔