ڪراچي: اين اي 245  ۾ ننڍي چونڊ، پي ٽي آءِ اميدوار محمود مولوي ميدان ماري ورتو

ڪراچي شهر ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 245 ۾ ٿيل ننڍي چونڊ جي هن وقت تائين حاصل ڪيل غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جو اميدوار محمود مولوي ميدان ماري ويو .

اين اي 245 ۾ ننڍي چونڊ ۾ محمود مولوي 29 هزار 475 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏهن ته ايم ڪيو ايم جو معيد انور 13 هزار 193 ووٽ کڻي بئي نمبر تي رهيو .

اليڪشن ڪميشن جي طئي ٿيل شيڊول تحت پولنگ شام پنجين وڳي ختم ٿي وئي هئي پر ان دوران ووٽرز پولنگ اسٽيشنز جي حدن ۾ موجود رهيا ۽ انهن کي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔