سنڌ ۾ برسات جا راڱا: سوين گهر ڊهي پٽ: اڄ وڌيڪ 15ڄڻا فوت

ڪراچي: سنڌ ۾ جاري طوفاني وسڪارن تباهي مچائي ڇڏي، گهرن جون ڀتيون ۽ ڇِتيون ڊهڻ جي نتيجي ۾ 15کان وڌيڪ اجل جو شڪار ٿي ويا آهن

باڊهه لڳ سيهڙ ڳوٺ ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب ماءُ ۽ 2 ڌيئرون اجل جو شڪار ٿي ويون، جن ۾ عورت روبينا، سندس ڌيئرون ڪونج ۽ پوپري شامل آهن

خيرپور ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب ٻن ٻارن سوڌو فوت ٿيلن جو انگ 5 ٿي ويو، 3 زخمي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، چار ٻڪريون به مري ويون، فوتين ۾ نوجوان بابر ڪٽوهر، نينگري حور، نينگر اسد علي، عورت ريحانه ۽ ناري نعمت خاتون شامل آهن

تنگواڻي ۾ ڀِت ڪرڻ جي نتيجي ۾ نينگر فائق بنگلاڻي دٻجي فوت ٿي ويو، ڪُنب جي ڳوٺ نواب اُڄڻ ۾ برسات دوران ڇِت ڪرڻ سبب پورهيت رانجهن علي دٻجي فوت ٿي ويو

خانپور مهر ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب پيرسن علي نواز سومرو حياتي وڃائي ويٺو، سندس ڌيءُ زخمي ٿي پيون، لاڙڪاڻو جي ڳوٺ سانول خان لهر ۾ برسات دوران گهر جي ڇِت ڪرڻ جي نتيجي ۾ نوجوان محمد الياس لهر فوت ٿي ويو، جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا

 نئون ديرو ۾ گهر ڊهڻ جي نتيجي ۾ نينگر اختر حسين دٻجي فوت ٿي ويو، عورت سوڌو 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

واضح رهي ته سنڌ جاري برسات دوران هيل تائين 200 جي لڳ ڀڳ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته سوين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔