ڪوهستان ۾ نئيون وهي آيون، مانجهند شهر ٻڏڻ جو خطرو

ڪراچي: ڪوهستان ۾ طوفاني وسڪارن دوران نئيون وهي اچڻ سبب مانجهند شهر ٻڏڻ جو خطرو ظاهر ڪيو پيو وڃي،جڏهن ته ويهه دري پُل تي پاڻيءَ جو دٻاءُ وڌي ويو، جنهن سبب مانجهند واسين ۾ خوف جي لهر آهي

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ويهه دري پُل جابلو پٽي تان ايندر پاڻيءَ جو دٻاءُ نه سهي سگهي ته تمام گهڻو نقصان ٿيندو

شهر سوڌو ڀرپاسي جا ڳوٺ ٻُڏي سگهن ٿا، حڪومت کان مانجهند شهر کي بچائڻ لاءِ اڳواٽ اپاءَ وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔