سنڌ ۾ برساتن جي تباهي، وڏي وزير جا دورا، متاثرن لاءِ اعلان

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ٺٽو، سجاول، گهارو، ميرپور ساڪرو ۽ ٻين متاثر علائقن جو دورو ڪيو، جنهن دوران لاڳاپيل عملدارن کيس برسات سبب ٿيل تباهين بابت بريفنگ ڏني

وڏي وزير مراد علي شاھھ کي بريفنگ ڏني وئي تھ سجاول ۾ برسات سبب 12 ھزار 801 گھرن کي نقصان پھتو، 87 ھزار کان وڌيڪ ماڻھو بي گھر ٿيا آھن

ضلعي آفيسرن طرفان بريفنگ کانپوءِ وڏي وزير مراد علي شاھھ سجاول کي آفت سٽيل ضلعو قرار ڏنو آھي

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ ٽن ڏينهن کان جاري برساتن تباهي مچائي آهي، برسات سبب ٿيل نقصان جي جو جائزو وٺڻ لاءِ دورن تي نڪتو آهيان

هن چيو ته هن ڀيري سنڌ ۾ 500 سيڪڙو وڌيڪ برساتون پيون آهن، جنهن سبب اڪثر علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن

وڏي وزير چيو ته جِن برساتن نالن کي لنگهه مليل نه آهي، اُتي ڏُکيائيون ٿي رهيون آهن، متاثرن کي ڏُکئي وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين

مراد علي شاھھ چيو تھ وفاقي حڪومت سنڌ جي سمورين يوسيز کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ وڃي پئي، بينظير انڪم سپورٽ ذريعي متاثر خاندان کي 25 ھزار رپيا مدد جي مد ۾ ڏنا ويندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔