پاڪستان دُنيا کان قرض ورتو، پر صحيح استعمال نه ڪيو: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد: ناڻي جي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان دُنيا کان قرض ورتو، پر صحيح استعمال نه ڪيو، موجوده حڪومت بجيٽ خسارو پورو ڪرڻ لاءِ قرض ورتو آهي ماڻهو سمجهن ٿا ته ناڻي جي وزير جي بيان ۽ جادو سان ڊالر گهٽ وڌ ٿيندو آهي

بيان ۾ ھن چيو تھ  ڪجهه ايڪسپورٽ ڪريو، نه ته اسان وٽ ڊالر ڪٿان ايندو؟ ڏيڍ ملين ڊالرز جي امپورٽ ڪندڙ ڪمپنيز ڪجهه ته ايڪسپورٽ ڪن، سوچي رهيا آهيون ته سُپر ٽئڪس کي وڌائي 4 مان 5 سيڪڙو ڪريون، اسان کي سَوَڙ آهر پير ڊگهيڙڻ گهرجن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔