شهزاد اڪبر جو نالو اي سي ايل ۾ شامل: سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙن جي گرفتاري جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا شهزاد اڪبر سوڌو 10 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، هيلڪاپٽر حادثي بعد فوج خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙن کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو

اجلاس ۾ 35 دوائن جي قيمتن ۾ اضافي جي سمري وفاقي ڪابينا رد ڪندي ڪابينا جي منظوري کانسواءِ اضافو نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آھي، وفاقي ڪابينا نيشنل يونيورسٽي جي قيام واري سمري تي به ايندڙ اجلاس تائين غور ملتوي ڪري ڇڏيو، جڏهن  ته گذريل هفتي ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيل هدايت تحت پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ لاءِ ڊڪليريشن جو ڊرافٽ منظوري لاءِ پيش ٿيڻو هيو جيڪو پيش نه ٿي سگهيو، ڪابينا اي سي سي جي 11 آگسٽ تي ٿيل اجلاس جي فيصلن جي به منظوري ڏني

ڪابينا قانون سازي بابت ڪاميٽي پاران 5 مختلف قانونن ۾ ترميمن جي ڊرافٽن جي به منظوري ڏني آھي جنهن ۾ اٿورائيزيشن آف گورنمينٽ ميريڊ اڪوموڊيشن آف ڊفينس سڪيورٽي فورسز رولز ۾ ترميمي بل، لا آفيسرن جي ايڊوڪيٽ جنرل آفيس ۾ مقرري جي ترميمي صدارتي آرڊر، پاڪستان وٽرنري ميڊيڪل ڪائونسل امپلائيمنٽ ريگيوليشن 2022، قومي اسڪل يونيورسٽي شامل آھي، جڏهن ته وفاقي ڪابينا نيب جي سفارش تي اڳوڻي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر ۽ بيريسٽر ضياء المصطفي نسيم سوڌو  10 ڄڻن جا نالا شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔