بھاولپور ڀرسان ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار

بھاولپور : بهاولپور ڀرسان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ کي ٽينڪر سان ٽڪر بعد باهه وڪوڙي وئي، عورتن ۽ ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار ٿي ويا

 لاهور کان ڪراچي ويندڙ بدنصيب ڪوچ سان موٽروي ايم 5 تي حادثو پيش آيو، موٽروي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٽڪر سبب مسافر ڪوچ ۽ آئل ٽئنڪر کي باهه وڪوڙي وئي

سڙي ويل بس مان مسافرن جا لاش ٻاهر ڪڍيا ويا، سڙي زخمي ٿيل 9 مسافر ڀرپاسي جي اسپتالن ۾ منتقل، سليپر بس گذريل رات 9 وڳي لاهور کان ڪراچي رواني ٿي هئي، حادثي سبب موٽر وي ايم فائيوَ 5 ڪلاڪن تائين بند رهيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔