سنڌ ۾ گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري وئي، 3 ٻارن سميت 5 ڄڻا فوت، 385 اسپتال داخل

ڪراچي :سنڌ ۾ گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري وئي، مختلف هنڌن تي 3 ٻارن سميت 5 ڄڻا فوت، 385 کان وڌيڪ مريض اسپتال داخل، اسپتالن ۾ بيڊن جي کوٽ، علاج جون سهولتون اڻلڀ، خبر موجب خيرپور ۾ گيسٽرو جي مرض تي ضابطو اچي نه سگهيو، ڪالهه ڳوٺ جلال خان مڱڻيجو جي رهواسڻ 5 سالن جي زيب النساءِ ڌيءَ سعدالله مڱڻيجو گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي، هوڏانهن 24 ڪلاڪن دوران مختلف علائقن جي 75 ٻارڙن کي سٽي اسپتال خيرپور ۾ داخل ڪيو ويو آهي، مريضن ۾ سهيل، نگهت، مهدي، نظير، خادم، حسن علي، ثناءُ الله، عمران، علي رضا، سڪينا، اظهار، امام الدين، ذيشان، جواد، عائشه، طالب، نگينه ۽ ٻيا شامل آهن، خانپور مھر ويجھو ڳوٺ جمشير عالماڻي ۾ ٽن ورھين جو آزاد پٽ سجاد عالماڻي گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويو، فيض گنج ويجهو ڳوٺ سکر خان شر ۾ ڳوٺاڻو محمد موسيٰ شر گيسٽرو سبب فوت ٿي ويو. ڳوٺاڻن موجب ڳوٺ ۾ ڪيترائي ٻار، عورتون ۽ گيسٽرو ۾ مبتلا آهن، جهڏو جي غلام حسين ڪالوني ۾ ٻن سالن جو معصوم ٻارڙو احمد ولد غلام نبي ڪنبوهه گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ سوين مرد، عورتون توڙي ٻار گيسٽرو ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، مٺياڻي جي بسم الله سوسائٽي ۾ 20 سالن جو فرحان مشوري گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ساڳي ئي گهر ۾ ڪيترائي گهرڀاتي گيسٽرو ۾ مبتلا آهن، شھدادڪوٽ ۾ گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري وئي، ٻن ڏينهن دوران 2 سئو کان وڌيڪ مريض اسپتال پھتا، مريضن ۾ سعيدان پٺاڻي، شڪيلان، فاطما، زبيدان، فوزيا، بنگل، امداد علي، ممتاز جوڻيجو، بلاول، سڪندر جويو، رياض حسين اعواڻ، نياز بروھي، احمد علي پانڌو، بيگم، نظيران، آصفه ۽ ٻيا شامل آهن، پيرجوڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن احمدپور، پريالوءِ، ڪوٽ مير محمد، صدر جي ڀٽيون ۽ ٻين علائقن ۾ گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري وئي، گذريل ڏينهن وڌيڪ 110 مريضن کي پيرڳوٺ اسپتال داخل ڪيو ويو،

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔