تيل اگهن بابت آصف زرداري جي راءِ جو احترام آهي، ساڻس رابطو ڪري وضاحت ڪندس: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پيٽروليم صنعت تي هڪ رُپيو به ٽئڪس نه وڌايو اٿئون

اسلام  آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مفتاح اسماعيل چيو  ته مون ائين نه چيو هو ته پيٽرول جا اگهه وڌايا ويندا، اوگرا فارمولي تحت پيٽروليم شين جا اگهه وڌائيندي آهي

هن چيو ته  آصف زرداري جي راءِ جو احترام ڪريون ٿا، ساڻس رابطو ڪري وضاحت ڪندس

ناڻي جي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته هاڻي اسان وٽ ڊالر جي آمد وڌيڪ آهي، 10 سيڪڙو ايڪسپورٽ نه ڪندڙن تي اضافي ٽئڪس لڳايو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔