آصف علي زرداري پاران پئٽرول جي اگهن ۾ واڌ تي ڳڻتي ظاهر

ڪراچي: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وفاقي حڪومت طرفان تيل اگهن ۾ واڌ واري فيصلي تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي آهي

وفاقي حڪومت ڪالهه پيٽرول ۾ پوڻا 7 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي آهي، جنهن تي نون ليگ جي قيادت توڙي حڪومت جي اتحادين ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي

آصف زرداري چيو آهي ته تيل اگهن ۾ واڌ تي ڳڻتي آهي، حڪومت کي فيصلي کان اڳ مشاورت ڪرڻ گهرجي ها

آصف زرداري چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت جو حصو آهي ۽ رهندي، اسان سڀ حڪومت ۾ اِن ڪري آياسين ته عوام کي رليف ڏيون

هن چيو ته وزير اعظم سان گڏ آهيون ۽ جلد اُن سان ملاقات ڪندس، جنهن دوران معاشي ٽيم بابت ڳالهه ٻولهه ٿيندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔