مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو: يونين ڪميٽين جي آبادي ۾ فرق 100 سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي: چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ جي مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ تڪبندين خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڌرين جي وڪيلن دليل ڏنا

چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بئنچ درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته مڪاني چونڊن جي حوالي سان قانونسازي صوبائي حڪومت جو اختيار آهي

عدالت چيو ته ڪيترن ئي يونين ڪميٽين جي آبادي ۾ فرق 100 سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي

چيف جسٽس چيو ته سنڌ حڪومت قانون ۾ مڪاني ادارن جو ڍانچو ٺاهيو آهي، فروغ نسيم چيو ته تڪبندين ۾ انگ گهٽ ۽ وڌ ٿي سگهي ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔