ٻوڏ متاثرن کي بينظير سپورٽ پروگرام ذريعي 50 هزار ڏيڻ جي هدايت

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز اشريف ٻوڏ سبب متاثر خاندانن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي في خاندان کي 50 هزار رپيا هنگامي فوري ڪيش رليف فراهم ڪرڻ ۽ اها رقم متاثر خاندانن کي ٽن ڏينهن اندر فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، رقم اين ڊي ايم اي جي سرپرستي ۾ ڊجيٽل طريقيڪار سان منتقل ٿيندي، وزيراعظم ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ جو عمل صوبن سان گڏجي ٽن هفتن ۾ مڪمل ڪرڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي، ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي حوالي سان قائم ڪيل رليف ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جو اجلاس  ٿيو،  اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ متاثرن جي مدد ۽ نقصانن جي گڏيل سروي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم متاثر خاندانن کي 30 هزار رپيا ايمرجنسي ڪيش رليف جي رقم وڌائي 50 هزار رپيا ڪرڻ ۽ اين ڊي ايم اي کي ان آپريشن جي نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم اها به  هدايت ڪئي ته متاثر خاندانن کي ٽن ڏينهن اندر رقم ڏني وڃي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت عالمي ڊونر ۽ فلاحي ادارن سان رابطي ۾ آهي، ان حوالي سان ايشين ڊولپمينٽ بينڪ، ورلڊ بينڪ وفاقي حڪومت کي ايمرجنسي ڊزاسٽر رليف فنڊ تحت ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل انفرا اسٽرڪچر جي تعمير ۽ بحالي لاءِ ضروري فنڊ فراهم ڪرڻ جي  خاطري ڪرائي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔