عامر خان پنهنجي غربت جو ذڪر ڪندي شو ۾ روئي ويٺو

ممبئي: باليووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان انڪشاف ڪيو آهي ته سپر اسٽار ٿيڻ کان اڳ سندس حالتون اهڙيون هيون جو هو بي گهر ٿيڻ وارو هو. تازو ئي عامر خان ۽ ڪرينا ڪپور جي فلم لال سنگهه چڌا رليز ٿي

فلم جي رليز کان اڳ عامر هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي خاندان کي پيش آيل مسئلن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن دوران هو ماضي جون ڳالهيون ياد ڪري هو اکين مان لڙڪ لاڙي ويٺو

هن چيو ته ماڻهن کي لڳي ٿو ته مان چاندي جو چمچو وات وجهي ڄائو هئس پر ائين ناهي، اسان امير نه هئاسين، نه ئي منهنجو پيءُ ڪو سُٺو واپاري ماڻهو هو، کيس پيسن جو گهڻو نقصان ٿيو

ايتري تائين جو اسان بي گهر ٿيڻ وارا هئاسين. ان دوران عامر خان پنهنجي ۽ پنهنجي ڀاءُ جي اسڪول في نه ڏيڻ تي اسيمبلي دوران پنهنجي بيعزتي بابت به ٻڌايو. هن چيو ته سدائين ائين ٿيندو هو ته منهنجي ۽ منهنجي ڀاءُ جي اسڪول فيس جمع نه ٿيندي هئي ۽ اسان جا نالا سڄي اسڪول اڳيان اسيمبلي ۾ ٻڌايا ويندا هئا جنهن سان اسان کي تمام گهڻي شرمندي ٿيندي هئي

واضح رهي ته عامر خان جو پيءُ طاهر حسين هڪ پروڊيوسر هو جڏهن ته سندس چاچو ناصر حسين ناليوارو ڊائريڪٽر آهي جنهن ڪيتريون ئي يادگار فلمون بڻايون آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔