وزيراعظم برسات ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي فنڊ قائم ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف برسات ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي فنڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين جي جائزي بابت اجلاس بعد جاري ٿيل پڌرائي ۾ وزيراعظم چيو آهي ته تاريخي برساتن قيامت برپا ڪري ڇڏي آهي

وزير اعظم چيو ته بلوچستان ۾ ٻوڏ سبب غير معمولي تباهي آئي، سنڌ، ڪي پي ۽ پنجاب ۾ به تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي

هن چيو ته حڪومت ڏُکين معاشي حالتن باوجود ٻوڏ متاثرن لاءِ 5 ارب رُپيا فوري جاري ڪيا آهن، عوام ۽ سرندي وارن کي اپيل آهي ته ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪن ۽ سندن بحالي ۾ حڪومت سان هٿ ونڊائين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔