آرمي چيف طرفان آءِ ايم ايف جي پروگرام جي حوالي سان سعودي عرب ۽ يو اي اي جي اختيارين سان رابطا

ڪراچي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه طرفان آءِ ايم ايف جي پروگرام جي حوالي سان سعودي عرب ۽ يو اي اي جي اختيارين سان رابطا ڪيا ويا آھن

ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته آرمي چيف سعودي ۽ يو اي اي جي اختيارين سان آءِ ايم ايف جي قرض پروگرام بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي

رابطن جي نتيجي ۾ پاڪستان لاءِ جلد سٺي خبر اچڻ جي اُميد آهي، آرمي چيف ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي نائب پرڏيهي وزير سان رابطو ڪري آءِ ايم ايف مٿان قرض لاءِ دٻاءُ وجهڻ جي درخواست ڪئي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔