آمريڪا جو پاڪستان کي ڪورونا جي تشخيص لاءِ موبائيل ليبارٽري جو عطيو

ڪراچي: آمريڪي حڪومت ڪرونا ۽ ٻين بيمارين جي تشخيص ۾ پاڪستان جي طاقت وڌائڻ لاءِ موبائل بايو سيفٽي ليبارٽري صحت کاتي سنڌ جي حوالي ڪئي آهي. هي ليبارٽري پاڪستان جي انهن ٻهراڙي وارن علائقن لاءِ فراهم ڪئي وئي آهي ، جتي ٽيسٽنگ ۽ نگراني جا وسيلا بلڪل محدود آهن. ان موبائيل ليبارٽري سان بيمارين جي فوري تشخيص ٽيسٽ جو دورانيو گهٽ ڪرڻ ۽ طبي عملي جي صحت جي تحفظ جي حوالي سان مدد ملندي.

آمريڪي قونصل جنرل مارڪ اسٽرو ۽ سنڌ جي صحت ۽ بهبود آبادي واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو تقريب ۾ خاص شرڪت ڪئي جڏهن ته صحت کاتي جا عهديدار به موجود هئا.

اها تقريب 6 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ٿيل مرڪزي تقريب جو تسلسل آهي ،جنهن ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم پاران چار موبائيل ليبارٽريون پاڪستان جي صحت جي قومي اداري جي عملدارن جي حوالي ڪيون ويون هيون .

ان موقعي تي آمريڪي قونصل جنرل مارڪ اسٽرو چيو ته موبائيل بايو سيفٽي ليبارٽري سنڌ جي صحت کاتي جي حوالي ڪرڻ منهنجي لاءِ خوشي جو باعث آهي جنهن جو مقصد سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام کي بهتر طبي سهولتون ڏيڻ آهي . ان ليبارٽري جي مدد سان هنگامي ۽ وبا جي حالتن ۾ فوري ۽ موثر ڪم ڪرڻ لاءِ پاڪستاني حڪومت جي استعداد ۾ اضافو ٿيندو.

قونصل جنرل اسٽرو ڪووڊ 19 جو مقابلوڪرڻ ۽ ڪامياب ويڪسي نيشن تي پوري پاڪستان جي طبي عملي جي خدمتن کي ساراهيو .صحت واري وزير عذرا پيچوهو صوبي ۾ صحت جون خدمتون بهتر ڪرڻ ، خصوصي طور تي ڪووڊ 19 جي بحران ۾ آمريڪي حڪومت پاران يوايس ايڊ وسيلي مدد ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو.

ڪووڊ 19 جي پکيڙ سان اڄ تائين آمريڪي حڪومت پاڪستان سميت دنيا جي 120 کان وڌيڪ ملڪن ۾ عالمي وبا جو مقابلو ڪرڻ ۽ انساني زندگيون بچائڻ لاءِ ڪم ڪيو آهي .آمريڪا پاران پاڪستان سان جاري سهڪار ۾هنگامي امداد، نظام صحت جي بهتري ، ويڪسين جي تياري ۽ ورهاست ، تعليم برائي صحت ۽ طبي عملي جي صحت جي تحفظ لاءِ مدد شامل آهي .

آمريڪي حڪومت پاڪستان کي ڪووڊ 19 جي 7 ڪروڙ 70 لک خوراڪون ، ڪورونا جي فوري تشخيص جون 10 لک ٽيسٽ ڪٽس ۽ صحت بابت خدمتون امدادي طور فراهم ڪيون آهن ، ان کان سواءِ عالمي وبا دوران آمريڪي حڪومت پاران پاڪستان کي 70 ڏهائي 4 ملين ڊالرز سڌا سنوان ۽ 13 ڏهائي 8ملين ڊالر ڪورونا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عوامي امداد جي ڏس ۾ ڏنا جڏهن ته پاڪستان ۾ ويڪسينيشن لاءِ سهڪار هيٺ يوايس ايڊ ۾ 2 ڪروڙ ڊالرز جي اضافي فنڊز جي جاري ڪرڻ جو به ارادو آهي، اها خدمت تباهه ڪن وبا کان نڪرڻ لاءِ پاڪستاني عوام سان ڀرپور سهڪار جو حصو آهي  يوايس ايڊ جي پاڪستان ۾ امدادي پروگرامز ۽ منصوبن جي باري ۾ وڌيڪ معلومات لاءِ وزٽ ڪريو . : www.usaid.gov/pakistan

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔