پي ٽي آءِ جو اليڪشن ڪميشن آفيس آڏو احتجاج: چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ريفرنس داخل

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته فارن فنڊنگ ڪيس بابت فيصلي خلاف پي ٽي آءِ اڳواڻن اليڪشن ڪميشن آفيس آڏو احتجاج پڻ ڪيو آهي

تحريڪ انصاف ريفرنس ۾ ڄاڻايو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ڄاڻي واڻي بدانتظامي پيدا ڪري رهيو آهي

ريفرنس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر پنهنجون ذميواريون نه پيو نڀائي، کيس فوري طور عهدي تان هٽايو وڃي

پي ٽي آءِ ريفرنس ۾ ڄاڻايو آهي ته گذريل مهيني پي ڊي ايم جي وفد چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات به ڪئي هئي، جنهن بعد چيف اليڪشن ڪمشنر ڌر ٿي ويو آهي

ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي، فواد چوڌري ۽ ٻين اڳواڻن چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف نعريبازي سان گڏ کائنس مستعفي ٿيڻ جو به مطالبو ڪيو آهي

واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن فارن فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جو حلفي بيان ڪوڙو قرار ڏنو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔