پي ٽي آءِ چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي

تحريڪ انصاف ريفرنس ۾ ڄاڻايو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ڄاڻي واڻي بدانتظامي پيدا ڪري رهيو آهي

ريفرنس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر پنهنجون ذميواريون نه پيو نڀائي، کيس فوري طور عهدي تان هٽايو وڃي

پي ٽي آءِ ريفرنس ۾ ڄاڻايو آهي ته گذريل مهيني پي ڊي ايم جي وفد چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات به ڪئي هئي، جنهن بعد چيف اليڪشن ڪمشنر ڌر ٿي ويو آهي

واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن فارن فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جو حلفي بيان ڪوڙو قرار ڏنو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔