سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ اي ڊي سي ون جون مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ اي ڊي سي ون جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون

سنڌ حڪومت طرفان مختلف شهرن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آھن، ان سلسلي ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي

علي شان شهدادڪوٽ ۽ فهد اعجاز کي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽ غلام محمد مقرر ڪيو ويو، اسامه اسد باقراڻي ۽ وقاص ملوڪ کي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنڊيارو ۾ مقرر ڪيو ويو

خيرپور جي اسسٽنٽ ڊپٽي ڪمشنر اقبال جنڊاڻ کي بدلي ڪري کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي،  اياز سومرو اي ڊي سي ون لاڙڪاڻو ۽ ارشد ابراهيم کي اي ڊي سي ون ميرپورخاص مقرر ڪيو ويو

ڪنڊيارو مان بدلي ڪيل اي سي عبدالغفور ڌامراهه ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪمشنر آفيس شهيد بينظير آباد مقرر ڪيو ويو

چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد سروسز کاتي جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔