انٽر بينڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ وڌيڪ 5 رپين کان وڌيڪ گھٽتائي

ڪراچي: انٽر بينڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ گھٽتائي جو سلسلو جاري آھي، انٽر بينڪ ۾ گذريل ڏينھن ملڪي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر ۾ سڀ کان وڌيڪ اضافو ٿيو ۽ ڊالر جي قدر ۾ مجموعي طور 4.19 سيڪڙو گھٽتائي ٿي

ملڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي مُلهه ۾ لاٿ جاري آھي، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو مُلهه وڌيڪ 5 رُپيا 79 پئسا لاٿ بعد 223 رُپيا ٿي ويو، فاريڪس ايجنسيز طرفان ڊالر جي مُلهه ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اُميد ظاهر ڪئي وئي

گذريل ڏينھن انٽر بينڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر 228 رپيا 80 پئسن تي بند ٿيو، اڄ ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر جي قدر ۾ گھٽتائي ڏسڻ ۾ آئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔