عمران خان کي نااهل قرار ڏيارڻ لاءِ آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: اتحادي حڪومت پي ٽي آءِ جي فارن فنڊنگ ڪيس بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ عمران خان جي نااهلي لاءِ آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن موجب پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ ريفرنس جي منظوري ڏني وئي آهي

وزير اعظم هائوس ۾ پي ڊي ايم جو اجلاس ٿيو،  جنهن ۾ پي ٽي آءِ بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ عمران خان جي اهليت بابت ريفرنس داخل ڪيو ويندو، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويندو ته عمران خان ڪوڙو حلفي بيان جمع ڪرائڻ بعد هاڻي آرٽيڪل 62  ۽ 63 تي پورو نٿو لهي، تنهنڪري کيس نااهل قرار ڏنو وڃي

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف سميت ڪنهن کي به اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ احتجاج ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔