عمران خان ۽ پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ توهان جي وس جي ڳالهه نه آهي: فواد چوڌري

پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته 84 سيٽون کٽيندڙ چون ٿا پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائي وڃي، عمران خان ۽ پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ توهان جي وس جي ڳالهه نه آهي، پنهنجي قد ڪاٺ موجب ڳالهه ڪريو

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري حڪمران اتحاد ۽ اليڪشن ڪميشن تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪميشن جي فيصلي ۾ جهول جا پهاڙ آهن، سڀاڻي پي ٽي آءِ جو اليڪشن ڪميشن جي آفيس ٻاهران احتجاج ٿيڻو هو، جنهن تي کين ڳڻتي ورائي وئي

فواد چوڌري چيو ته ڪميشن تڪڙ ۾ 2 فيصلا ڏنا آهن، ڪميشن خلاف اپيل داخل ڪرڻ سان گڏ ڪارروائي جو به چونداسين، سڪندر سلطان راجا ۽ سنڌ جي ميمبر خلاف ريفرنس داخل ٿي چڪو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔