صدارتي ريفرنس تي نظرثاني درخواست اعتراض لڳائي واپس

اسلام آباد ؛سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ داخل صدارتي ريفرنس تي نظرثاني درخواست  اعتراض لڳائي واپس موڪلي ڇڏي. سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس طرفان صدارتي ريفرنس بابت فيصلي خلاف نظرثاني درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪئي وئي. عدالت طرفان اعتراض ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ داخل ريفرنس تي ڪيل فيصلي جي نظرثاني درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي، آرٽيڪل 63 اي جي تشريح جو ريفرنس صدر طرفان موڪليو ويو هو. اعتراض ۾ چيو ويو آهي ته صدارتي ريفرنس آرٽيڪل 186 تحت سپريم ڪورٽ کي صدر طرفان موڪليو ويو آهي، ڪنهن به آرٽيڪل جي تشريح جو معاملو سپريم ڪورٽ ۽ صدر جي وچ ۾ هوندو آهي، جڏهن ته صدارتي ريفرنس ۾ ڏنل فيصلي تي نظرثاني درخواست موٽ جوڳي ناهي. واضح رهي ته آرٽيڪل 63 اي جي عدالتي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست تحريڪ انصاف جي باغي ميمبر عائشا نواز داخل ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔