ق ليگ پاران پارٽي سربراھ چوڌري شجاعت حسين کي صدارتي عھدي تان ھٽائڻ جو فيصلو

لاھور: قاف ليگ پاران پارٽي سربراهه چوڌري شجاعت حسين کي صدارتي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي

 قاف ليگ سينيٽر ڪامل علي آغا تصديق ڪندي ٻڌايو ته، پارٽي جِي سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس لاهور ۾ ٿيو

اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته، چوڌري شجاعت کي پارٽي جِي صدارت کان ڌار ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته سندس صحت فيصلن تي اثرانداز ٿي آهي

ھن چيو تھ چوڌري شجاعت سان گڏ طارق بشير چيما کي به فوري طور عهدن تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي

ٻئي پاسي قومي اسيمبلي جَي اسپيڪر پي ٽي آءِ جَي 11 ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون آھن، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آھي

شيرين مزاري، فرخ حبيب، علي محمد خان، فضل محمد خان، شوڪت علي، فخر زمان خان،  اعجاز شاهه جِي استعيفيٰ منظور، جميل احمد خان، اڪرم چيما، شاندانه گلزار، عبدالشڪور شاد جِي به استعيفيٰ منظور ٿي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔