آسٽريلوي اسپنر نيٿن ليون شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو

سڊني: آسٽريلوي آف اسپنر نيٿن ليون شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو آهي. رپورٽن موجب نيٿن ليون آچر ڏينهن پنهنجي گرل فرينڊ ايما ميڪارٿي سان شادي ڪئي

آسٽريلوي اسپنر انسٽاگرام تي پنهنجي شاديءَ جي تصوير اپ لوڊ ڪئي جنهن ۾ هن کي ڪاري رنگ جي پينٽ ڪوٽ ۾ ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته ڪنوار کي اڇي رنگ جو لباس پهريل آهي

آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ۽ موجوده رانديگرن نوبياهتا جوڙي کي مبارڪ ڏني ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته 34 سالن جي آف اسپنر 141 انٽرنيشنل ميچز ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪندي 468 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔