ڪراچي: موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شديد برسات وسائڻ وارا ڪڪر ڪراچي مٿان موجود آهن ۽ شهر ۾ اڄ وري گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن ٿيل برسات شهر ۾ هر طرف جل ٿل هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ شهر جي اهم شاهراهن سميت گهٽين ۽ پاڙن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي .
شهر ۾ چوماسي جي برسات سبب ڪيترائي نالا ڦاٽي پيا آهن ۽ رستن تي پاڻي بيهڻ سبب ڪيتريون ئي گاڏيون خراب ٿي پيون جڏهن ته پبلڪ ٽرانسپورٽ نه هئڻ برابر آهي .