نواز ليگ جِي نائب صدر مريم نواز سپريم ڪورٽ جِي بينچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي آهي
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي مريم نواز چيو ته، جيڪڏهن انصاف جا ايوان به ڌمڪي، بدتميزي ۽ گارين جَي دٻاءُ ۾ اچي بار بار هڪ ئي بينچ ذريعي مخصوص فيصلا ڪندا آهن ۽ پنهنجن ئي فيصلن کان انڪار ڪندا آهن ۽ سڄو وزن تارازِي جَي هڪ ئي پلڙي ۾ وجهندا آهن ته اهڙن هڪ طرفن فيصلن آڏو ڪنڌ جهڪائڻ جي اميد اسان مان نه رکي وڃي
مريم نواز چيو ته گهڻو ٿيو، موجودا سياسي ڏڦيڙ اُن عدالتي فيصلي سان شروع ٿيو، جنهن ذريعي آئين جِي تشريح ڪندي مرضي موجب ووٽ ڏيندڙن جا ووٽ نه ڳڻڻ جو حڪم جاري ٿيو، هينئر به هڪ نئين تشريح ڪئي پئي وڃي ته جيئن ساڳئي لاڏلي کي فائدو پهچي، جنهن کي اڳ به فائدو مليو هو