نيپرا بجلي اگهن ۾ وڏي واڌ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي قدر ۾ لاڳيتو واڌ کانپوءِ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي ( نيپرا ) بجلي وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.

نيپرا چيئرمين توصيف ايڇ فاروقي جي صدارت هيٺ بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ واڌ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران نيپرا اختيارين جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت پهرين جولاءِ کان ساڍا 3 رُپيا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي آهي جڏهن ته پهرين آگسٽ کان وڌيڪ في يونٽ ساڍا 3 رُپيا واڌ جي درخواست ڪئي آهي ۽ آڪٽوبر لاءِ بجلي جي اگهن ۾ وڌيڪ 91 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.

پاور ڊويزن اختيارين چيو ته وفاقي حڪومت هلندڙ مالي سال بجلي واهپيدارن کي 223 ارب رپين جي سسبسڊي ڏيندي، 50 سيڪڙو کان وڌيڪ بجلي جي ننڍن واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي نه ٿيندي.

ان موقعي تي نيپرا چيئرمين چيو ته نيپرا طرفان ٽيرف منظوري ڏيڻي آهي، ڪنهن کي ڪيتري سبسڊي ڏيڻي آهي اهو ته وفاقي حڪومت جو ڪم آهي، نپيرا کي ڪا اليڪشن ناهي وڙهڻي، نيپرا کي درخواست فيصلو ڪرڻو آهي.

واهپيدار عارف بلواني چيو ته نيپرا کان ته رڳو خانه پوري ڪرائي پئي وڃي، ڪابينا بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري پهرين ئي ڏئي چڪي آهي.

چيئرمين نيپرا چيو ته نيپرا طرفان بجلي ٽيرف جو تعين 200 رُپيا في ڊالر ايڪسچينج تي ڪڍيو ويو هو ۽ هن وقت ڊالر 226 رُپين تائين پهچي چڪو آهي.

نيپرا اختيارين چيو ته رُپئي جي قدر ۾ لاٿ ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽ سان بجلي جي وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي، سمورن ٽيڪسز سميت في يونٽ بجلي هن وقت 27 رُپين کان وڌيڪ آهي، بنيادي ٽيرف ۾ واڌ کانپوءِ في يونٽ بجلي ٽئڪسن سميت 40 رپين تائين وڃي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔