ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو وري ڳڙي واري برسات جو امڪان، اربن فلڊنگ جو خطرو

ڪراچي: موسميات کاتي شهر ۾ سڀاڻي کان هڪ ڀيرو وري ڳڙي سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي .چيف ميٽرولاجست سردار سرفراز چيو آهي ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سڀاڻي کان برسات ٿي سگهي ٿي جڏهن ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ايندڙ ٽن کان چئن ڏينهن تائين ڀرپور برسات جو امڪان آهي .سردار سرفراز جو چوڻ هو ته شهر ۾ ايندڙ ٽن کان چئن ڏينهن دوران گهٽ ۾ گهٽ 60 کان 70 ملي ميٽر برسات ٿي سگهي ٿي جنهن سان شهر ۾ اربن فلڊنگ جو خطرو آهي . موسميات کاتي موجب 14 جولاءِ کان چوماسي جو مضبوط سسٽم سنڌ ۾ داخل ٿي سگهي ٿو ۽ چوماسو 18 جولاءِ تائين اثر انداز رهندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔