واپار ۽ ڪاروبار بابت امريڪي خصوصي نمائندي دلاور سيد طرفان ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ لاءِ پاڪستان جو اهم دورو

ڪراچي: پاڪستان جي دوري تي پهتل واپار ۽ ڪاروبار بابت آمريڪي خصوصي نمائندي

دلاور سيد 6 کان 9 جولاءِ تائين ڪراچي جو دورو ڪيو. سندس پاڪستان جي دوري واري شيڊول ۾ اسلام آباد، لاهور۽ سيالڪوٽ جا دورا به شامل آهن. ڪراچي جي دوري جي موقعي تي هُن حڪومتي عملدارن، صنعتي ۽ واپاريرپورٽرز/صحافين سان ملاقات ڪئي، جنهن جو مقصد آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ اقتصادي ڀائيواري ۽ ٻطرفي واپار کي هٿي ڏيڻ آهي.اُن موقعي تي دلاور سيد ويچار ونڊيندي چيو ته “ڪراچي نه رڳو گوناگونيت سان ڀرپور شهر آهي، پر پاڪستان لاءِواپاري ۽ ڪاروباري مرڪز جي حيثيت پڻ رکي ٿو. هتي اچي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي. اسان جو هي دوروآمريڪي حڪومت طرفان پاڪستان سان ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ ۽ ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ لاءِ نوان دڳ ڳولڻ واري عزم جواهڃاڻ آهي.

آمريڪا- پاڪستان لاڳاپن کي 75 سال پورا ٿيا آهن، ڏهاڪن کان قائم انهن لاڳاپن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ لاءِپرجوش ۽ پرعزم آهيون.دلاور سيد ڪراچي جي دوري دوران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، ماحولياتي تبديلي واري کاتي جي وزير شيري رحمان، انفارميشن ٽيڪنالوجي ۽ مواصلات جي وزير سيد امين الحق، سامونڊي معاملن جي وزير فيصل سبزواري، سنڌ ڪابينا جي ميمبرن، ميونسپل ۽ صوبائي عملدارن سان ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان جي عوام کي هڪجهڙيون ۽ وڏي پئماني تي سهولتون ڏيڻ سوڌو معاشي پائيداريت ۽ معاشي ترقي لاءِ ٻنهي ملڪن جي گڏيل ڪردار تي ڳالهه ٻولهه ٿي. خصوصي نمائندي دلاور سيد اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي وقتي گورنر مرتضيٰ سيد سان ملاقات ۾ پاڪستاني عورتن توڙي پٺتي پيل طبقن لاءِ مالي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي،جڏهن ته معاشي ترقي وڌائڻ لاءِ پاڪستان ۾ آمريڪي ڪمپنين ۽ سيڙپڪارن لاءِ واپاري ماحول بهتر بڻائڻن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.

خصوص ينمائندي دلاور سيد مختلف صنعتي سربراهن سان به ملاقات ڪئي ۽ پُٺ تي پيل علائقن ۾ پاڪستاني واپار کي هٿي ڏيڻ جي معاملي تي ويچار ونڊيا، ته جيئن ٻنهي ملڪن آمريڪا ۽ پاڪستان کي فائدا حاصل ٿين. ملاقات ۾ اِن معاملي تي غور ٿيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو ماحول وڌائڻ ۽ عورتن جي معاشي پاڻڀرائپ، پائيداريت، معاشي ۽ سماجي ڪردار کي هٿمائڻ لاءِ حڪومت ۽ خانگي شعبا ڪيئن گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا.

آمريڪا کي هن وقت پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏي ايڪسپورٽ مارڪيٽ ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جي اهم ذريعي جي حيثيت حاصل آهي. آمريڪي ڪمپنيون ۽ اُنهن جا مقامي ڀائيوار پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ نوڪريون ڏيندڙن ۾ شامل آهن، جڏهن ته اٽڪل 80 آمريڪي ڪمپنيون هڪ لک 20 هزار پاڪستانين کي سڌي ريت روزگار ڏئي رهيون آهن. خصوصي نمائندي دلاور سيد آمريڪا سان سگهارا لاڳاپا رکندڙ ڪمپني گيٽرون نوواٽيڪس جو به دورو ڪيو، جتي کيس تازو متعارف ٿيل اليڪٽرڪ گاڏي ايڪو دوست ۽ ريسائيڪلنگ جي حوالي سان قدمن بابت آگاهي ڏني وئي. خصوص نمائندي دلاور سيد جي ڪراچي واري دوري جو نمايان حصو اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر ڪراچي (اين آءِ سي ڪي) وارو دورو آهي، جتي هُن آمريڪا- پاڪستان جدت ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ واري موضوع تي ٿيل مباحثي ۾ حصو ورتو.

اُن موقعي تي خصوصي نمائندي اِن معاملي تي پنهنجا ويچار ونڊيا ته آمريڪا ۽ پاڪستان ٻطرفو سهڪار وڌائڻ توڙي ڪاروباري ماحول کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڪهڙي ريت سهڪار ڪري سگهن ٿا. سندن چوڻ هو ته “آمريڪا اِن ڳالهه تي پختو يقين رکي ٿو ته سگهارو، خوشحال ۽ جمهوري پاڪستان خطي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، جڏهن ته اهو مقصد حاصل ڪرڻ جي بُنيادي نقطن ۾ ڪاروبار، هر شعبي ۾ صنفي برابري، تعليم۽ فني صلاحيت وڌائڻ جا موقعا شامل آهن.خصوصي نمائندي جي دوري بابت وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ اسان جي ٽوئيٽر وال جو وزٽ ڪريو. @BizatState

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔