مادر ملت محترما فاطمه جناح جي 55 هين ورسي

ڪراچي: باوقار، باصلاحيت ۽ حوصلي مند قوم جي ابيَ قائداعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ مادر ملت محترما فاطما جناح جي 55 هين ورسي اڄ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي ، ان موقعي تي سندس مزار تي فاتحا خواني به ڪئي وئي. محترما فاطما جناح جي قومي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ سياسي ۽ سماجي تنظيمن پاران مزار تي حاضري ڏني وئي ۽ گلپاشي ڪندي ان جي روح کي ايصال ثواب لاءِ فاتحا خواني ڪئي وئي. فاطما جناح 30 جولاءِ 1893 تي پيدا ٿي . 1919 ۾ يونيورسٽي آف ڪلڪتا مان ڊينٽل سرجن جي ڊگري ورتائين۽ پوءِ ممبئي ۾ باقاعدي پريڪٽس شروع ڪيائين . سندس شادي 1918 ۾ ٿي پر جڏهن 1929 ۾ سندس مڙس لاڏاڻو ڪري ويو ته هن پنهنجي خانگي ڪلينڪ بند ڪئي ۽ ڀاءُ جي گهر منتقل ٿي وئي. پنهنجي ڀاءُ محمد علي جناح جي گهر منتقل ٿيڻ کانپوءِ هن پاڪستان جي قيام واري جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ان ۾ اڻ وسرندڙ ڪردار ادا ڪيو جنهن ڪري کيس هن وقت تائين ياد رکيو وڃي ٿو . محترما فاطما جناح کي 9 جولاءِ 1967 تي دل جو دورو پيو هو جنهن کانپوءِ هوءَ لاڏاڻو ڪري وئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔