ڊالر جي اگهه ۾گهٽتائي ، 208.5 رپين جو ٿي ويو: سون به 1500رپيا سستو

ڪراچي: ڊالر  جي اگهه ۾گهٽتائي ٿي آھي، 208.5 رپين جو ٿي ويو، سون به 1500رپيا سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1500 رپيا لاٿ سان 143500 مان 142000 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 19 ڊالرن جي لاٿ سان 1744ڊالر في آئونس تي پهتو

هوڏانهن  چاندي 1570 رپين تي برقرار رهي،ٻئي طرف ڊالر  اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ رپيو لاٿ سان 209.5 مان 208.5 ۽ انٽر بينڪ ۾ 8 پئسا لاٿ سان207.91 رپيا ٿي ويو، هوڏانهن پائونڊ 251 ۽ يورو 217.5 رپين تي برقرار رهيا، هوڏانهن واپارين موجب آءِ ايم ايف ڊيل تائين صورتحال منجهيل رهندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔