آمريڪي خصوصي نمائندي دلاور سيد طرفان سگهارين معيشتن لاءِ ڪاروبار ۽ جدتون مُکيه جُز قرار

ڪراچي (پ ر) : واپار ۽ تجارتي معاملن بابت آمريڪي پرڏيهي کاتي جي خصوصي نمائندي دلاور سيد 6 کان 9 جولاءِ تائين ڪراچي جي دوري تي پهتو. جنهن دوران هُن 7 جولاءِ تي پاڪستاني عملدارن، سيڙپڪارين ۽ ڪاروباري نمائندن سان ڳالهه ٻولهه لاءِ نيشنل انڪيوبيشن

سينٽر ڪراچي (اين آءِ سي ڪي) جو دورو ڪيو.
دلاور سيد انفارميشن ٽيڪنالوجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي وفاقي وزير سيد امين الحق سان ملاقات دوران پاڪستان ۾ ڪاروباري نظام کي سگهارو بڻائڻ لاءِ آمريڪا ۽ پاڪستان جي سهڪار بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. اُن کانپوءِ خصوصي نمائندي اين آءِ سي ڪي جي عملدارن سان گڏ سينٽر جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان جي ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون به ڪيون.

جڏهن ته خصوصي نمائندي دلاور سيد “آمريڪا – پاڪستان سيڙپڪاري ۽ جدتون” جي موضوع تي رٿيل مباحثي ۾ پنهنجا ويچار ونڊيا. ساڻس گڏ ٽيڪنالوجي ڪمپني(LMKT) ايل ايم ڪي ٽي جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر ۽ باني عاطف رئيس خان ۽(IBA) آءِ بي اي ڪراچي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيد اڪبر زيدي به مباحثي ۾ شامل هئا. مباحثي جي ميزباني صحافي اريبا شاهد ڪئي، جڏهن ته مباحثي ۾ ان ڳالهه تي روشني وڌي وئي ته پاڪستان جي ڪاروباري صلاحيت کي ڪهڙي ريت وڌائي سگھجي ٿو.

“آمريڪي سيڙپڪار پاڪستان ڏانهن تيزي سان مائل ٿي رهيا آهن، ڇاڪاڻ جو پاڪستان ڪاروباري ۽ نوجوانن جي آبادي جي لحاظ کان ھڪ اھم ۽ وڏي مارڪيٽ بنجي چڪي آهي. آمريڪا – پاڪستان لاڳاپن کي 75 سال پورا ٿيڻ تي اهو عزم ورجايون ٿا ته آمريڪا ٻطرفي واپار، سيرپڪاري، ڪاروباري ۽ تعليمي موقعن کي وسيع ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش جاري رکندو.”

پئنل ۾ حصو وٺڻ کانپوءِ خصوصي نمائندي دلاور سيد پاڪستان جي ڪاروباري عورتن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، جِيڪي ڪاميابي سان پنهنجو ڪاروبار ھلائي رھيوم آهن. دلاور سيد پاڪستان جي ڪاروباري عورتن لاءِ آمريڪا جي سهڪار تي روشني وجهندي پاڪستان جي خوشحالي لاءِ پائيدار معاشي ترقي جي اهميت تي زور ڀريو. هُن چيو ته “عورتن ۽ پٺتي پيل طبقن لاءِ ڊجيٽل ۽ ڪاروباري تعليم کي هٿي ڏيڻ سان پاڪستان کي ڪاروبار جي حوالي سان پنهنجي حقيقي سگهه وڌائڻ ۾ مدد ملندي.”

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي خصوصي نمائندي دلاور سيد جي دوري بابت وڌيڪ معلومات لاءِ سندس ٽئيٽر ھينڊل @BizAtState چيڪ ڪريو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔