لنڪا ليگ ڊرافٽ ۾ شاهنواز ڏاهاڻي کي جافنا ڪنگز 25 هزار ڊالرن ۾ چونڊي ورتو

ڪراچي : لنڪا پريميئر ليگ جي ڊرافٽ م 9 پاڪستاني رانديگرن کي چونڊيو ويو آهي، لاڙڪاڻي واسي شاهنواز ڏاهاڻي کي جافرا ڪنگز چونڊي ورتو آھي

پاڪستاني ڪرڪيٽرن مان عماد وسيم سڀ کان مهانگي رانديگر طور چونڊيو ويو. قومي بيٽر آصف علي کي ڪولمبو اسٽارز 50 هزار ڊالرن جڏهن ته عماد وسيم کي 60 هزار ڊالرن ۾ گال گليڊيئيٽرز چونڊيو آهي

ٻين رانديگرن کي حيدر علي کي دمبولا جائينٽس 25 هزار ڊالرن ۾ چونڊيو، فهيم اشرف کي 50 هزار، اعظم خان کي 25 هزار ڊالرن ان کان علاوه وڪيٽ ڪيپر بيٽر سرفراز احمد کي 15 هزار ڊاڪرن ۾ گال گليڊيئيٽرز چونڊيو آهي

عثمان شنواري کي ڪينڊي فيلڪنز 15 هزار ڊالرن ۾ ۽ جافرا ڪنگز شاهنواز ڏاهاڻي کي 25 هزار، شعيب ملڪ کي 40 هزار ڊاڪرن ۾ چونڊيو ويو آهي. واضح رهي ته لنڪا پريميئر ليگ 2022ع 31 جولاءِ کان شروع ٿيندي جڏهن ته ايونٽ جو فائينل 21 آگسٽ تي کيڏيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔