مس مارول سيريز ۾ سنڌي شادي جو منظر سڀني کي وڻي ويو

ڪراچي : شرمين عبيد چناءِ سميت ٻين هدايتڪارن جي هدايتڪاري ۾ ٺهيل ويب سيريز مس مارول جي هر قسط کي پسند ڪيو ويو آهي پر شوقينن کي سڀ کان وڌيڪ مزو ٽئين ۽ چوٿين قسط ڏسي آيو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته انهن قسطن ۾ پاڪستاني روايتون، ثقافت، موسيقي ۽ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي کي ڏيکاريو ويو آهي. انهن قسطن جي ڪجهه ڊائيلاگز تي تڪرار به ٿيو هو ڇو ته چوٿين قسط ۾ ننڍي کنڊ جي ڪهاڻي به ڏيکاري وئي آهي. ٽئين قسط ۾ مس مارول يعنيٰ ڪمالا خان سنڌ جي راڄڌاني ۾ اباڻي گهر اچي ٿي ۽ مختلف تاريخي جاين جو سير به ڪري ٿي. ڪمالا خان ڪراچي ۾ هڪ شادي تقريب ۾ ديسي لباس ۾ ڊانس به ڪري ٿي. اهڙن منظرن جي پس منظر ۾ سنڌي ڪلاسڪ گانو ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گل الو ميان تڏهن ملنداسين به ٻڌي سگهجي ٿو جنهن کي عابد بروهي ريمڪس ڪري دي سبي سانگ بڻايو هو. ساڳي قسط جي هڪ ٻي خاص ڳالهه اها به آهي ته شاديءَ جي تقريب دوران سنڌي شادين جي رسم لائون کي به ڏيکاريو ويو آهي. هن رسم ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جا مٿا ٽڪرايا ويندا آهن مس مارول سيريز جون مجموعي طور تي 6 قسطون آهن ۽ پنجين قسط جلد رليز ڪئي ويندي جڏهن ته آخري قسط جولاءِ جي وچ ۾ رليز ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔