ڪراچي ايئرپورٽ تان گرفتار ٿيل بابر غوري 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي: ڪراچي ايئرپورٽ تان گرفتار ٿيل متحده اڳواڻ بابر غوري کي چڙ ڏياريندر تقرير جي ڪيس ۾ 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو، کيس 13 جولاءِ تي ٻيهر دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو

سنڌ هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ۽ نيب ڪيسز ۾ بابر غوري جي ضمانت منظور ڪري ورتي آھي، بابر غوري جي ڌيءُ جي درخواست تي ضمانت ۾ 9 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي

 نيب، ايف آءِ اي ۽ گهرو کاتي کي نوٽيسز جاري، عدالت ۾ پيشي دوران بابر غوري چيو ته والده جي طبيعت ٺيڪ نه آهي، جنهن ڪري ڏيهه واپس آيو آهيان، مون کي خبر ئي نه هئي ته پرڏيهه ۾ وجودگي دوران ڪيس داخل ڪيا ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔