ڊانسر سيني شيٽي ڀارت جي سونهن راڻي بڻجي وئي

ممبئي : ڀارتي رياست ڪرناٽڪا جي مشهور ڊانسر سيني شيٽي ”مس انڊيا 2022“ جو تاج کٽي ورتو آهي.  ميڊيا رپورٽن موجب هن سال جي سونهن راڻي جي چونڊ لاءِ ممبئي ۾ رنگا رنگ تقريب ٿي جنهن ۾ سيني شيٽي کي فاتح قرار ڏنو ويو ۽ کيس حسن جي راڻيءَ جو تاج پهرايو ويو

رپورٽ موجب 21 ورهين جي سيني ڀارت جي نئين حسينا راڻي آهي، هڪ مشهور ڊانسر هجڻ کان علاوه اڪائونٽنگ ۽ فنانس ۾ بيچلر جي ڊگري به رکي ٿي. راجسٿان جي ماڊل روبل ٻئي ۽ اتر پرديش جي شهناتا ٽئين نمبر تي آئي. بالي ووڊ جي مشهور شخصيتن به مس انڊيا 2022 جي تقريب ۾ پرفارم ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔