هلندڙ سال ڪعبي جو غلاف پهرين محرم تي تبديل ڪيو ويندو

رياض: هلندڙ سال ڪعبي جو غلاف 9 ذوالحج بدران پهرين محرم تي تبديل ڪيو ويندو. حرمين شريف جي معاملن واري نگران اداري موجب ڪعبي جو غلاف پهرين محرم تي تبديل ڪيو ويندو. هر سال اهو غلاف 9 ذوالحج تي تبديل ڪيو ويندو آهي پر هلندڙ سال حج جي پانڌيئڙن جي وڏي انگ جي ڪري ڪعبي جو غلاف پهرين محرم تي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي . ٻئي پاسي حج سيڪورٽي جي ڪمانڊر پنهنجي ميڊيا بريفنگ ۾ چيو ته حج دوران نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ ۽ ڪنهن به اڻ وڻندڙ صورتحال کان بچڻ لاءِ مقدس جاين تي سڪيورٽي فورسز سيڪورٽي حصار قائم ڪري ورتو آهي ،۽ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔