معاشي حالتون بهتر ٿيندي ئي عوام کي وڌيڪ سهولتون ڏنيون وينديون: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته معاشي حالتون بهتر ٿيندي ئي عوام کي وڌيڪ سهولتون ڏنيون وينديون.وزيراعظم شهباز شريف ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پهرين ڏينهن کان غريب ترين طبقي کي ڏکين معاشي حالتن کان بچائڻ اسان جي پهرين ترجيح رهي آهي . معاشي حالتون بهتر ٿيندي ئي عوام کي وڌيڪ سهولتون ڏنيون وينديون. پنجاب ۾ ماهوار 100 يونٽ بجلي خرچ ڪندڙن کي مفت بجلي فراهم ڪرڻ واري فيصلي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پنجاب جي وڏي وزير جو اهڙو اعلان صوبي جي غريب عوام لاءِ سٺو سنوڻ آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔