سنڌ حڪومت پاران 11 هزار بند اسڪول کولڻ جو اعلان

ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران 11 هزار بند اسڪول کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي .  اهي اسڪول استادن جي گهٽتائي جي ڪري بند هئا هاڻي پهرين آگسٽ کان انهن اسڪولن کي کوليو ويندو. انهن اسڪولن ۾ فرنيچر ناهي جيڪو پهرين آگسٽ کان اڳ پهچايو ويندو.سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي تعليم واري وزير سردار شاهه جو چوڻ هو ته صوبي ۾ 41 هزار سرڪاري پرائمري اسڪول آهن انهن مان پنج هزار غير فعال اسڪول آهن اهي اسڪول اسان جي ڳچي ۾ پئجي ويا آهن. هڪ هڪ ڳوٺ ۾ 20، 20 اسڪول اسان جي ڳچي ۾ پيل آهن جن جو بار خزاني تي پئجي رهيو آهي .صوبائي وزير چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ ساڍي ست هزار ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪيا ويندا . هن چيو ته صوبي ۾ 65 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر هجڻ  جا انگ اکر درست ناهن اهو انگ 40 کان 45 هزارن جي وچ ۾ ٿي سگهي ٿو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔