ڪراچي ۾ برسات، مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ 3 ٻارڙن سميت ،4ڄڻا اجل جو شڪار، ڪيترائي زخمي

ڪراچي :ڪراچي ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، مختلف حادثن ۾ ٽن ٻارڙن سميت  4 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن

ڊفينس، قيوم آباد، ڪورنگي، اورنگي ٽائون، صدر، ڪورنگي ڪراسنگ، ابراهيم حيدري، گلستان جوهر، بحريا ٽائون، ايئرپورٽ ۽ ملير ۾ تيز هوا سان گڏ برسات ٿي، جڏهن ته سعدي ٽائون ۽ گلشن حديد ۾ به هلڪو وسڪارو ٿيو آهي

سهراب ڳوٺ، سبزي منڊي ۽ سپر هاءِ وي طرف به برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، گلستان جوهر  ۾ به تيز هوا سان گڏ برسات جو سلسلو شروع ٿيو آهي

محمود آباد، چنيسر ڳوٺ، ملير ملت ٽائون، موسميات، گلشن عريشه ۽ جوهر ۾ ڀتيون ڪرڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا، جنهن جي  نتيجي ۾ ٽن ٻارڙن سميت 4 ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي

موسميات کاتي موجب ڪراچي جي شهر جي مخلتف علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، اِهو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔