سوچيو هو ته نومبر آيو ته ميرٽ تي آرمي چيف لڳايو ويندو:عمران خان

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم عمران خان حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته مون ڪڏهن به نه سوچيو هو ته نومبر ۾ ڪنهن کي آرمي چيف لڳائڻو آهي، سوچيو هو ته نومبر آيو ته ميرٽ تي آرمي چيف لڳايو ويندو

تقريب کي خطاب ڪندي ھن چيو تھ  هنن کي خوف ورايو ته آئون جنرل فيض کي آرمي چيف لڳائڻ گهران ٿو، ائين ٿيو ته سندن مستقبل تباهه ٿي ويندو، کين فوج ۽ آءِ ايس آءِ کان خوف ٿيندو آهي، مون کي پنهنجو آرمي چيف لڳائڻ جي ضرورت ئي نه هئي

 فوج ۾ ميرٽ هوندي ته ادارو وڌيڪ سگهارو ٿيندو، آمريڪي پنهنجي مفادن لاءِ ٻين ملڪن ۾ حڪومتون تبديل ڪندو رهندو آهي، ڪابه غيرتمند قوم غلامي قبول ناهي ڪندي، پر هتي چون ٿا ته اهڙا خط ايندا رهندا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔