پنجاب ڪابينا ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

لاھور: پنجاب جي 3 هزار 226 ارب رُپين جي ماليت واري بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي، پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ صوبائي وزير اويس لغاري بجيٽ پيش ڪندو

جڏھن تھ وڏي وزير حمزه شهباز جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس ۾ بجيٽ جي منظوري ڏني وئي، پگهارن ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جا امڪان آھن، پنجاب اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ به اپوزيشن جي هنگامي جا پڻ امڪان آھن

 پي ٽي آءِ ۽ ق ليگ طرفان بجيٽ اجلاس ۾ احتجاج جو فيصلو، اسپيڪر پرويز الاهي چيو آهي ته پنجاب مڪمل طور پوليس اسٽيٽ بڻجي ويو آهي، صوبي کي حمزه شهباز نه، آءِ جي پيو هلائي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔