سنڌ صوبي جي بجيٽ سڀاڻي پيش ٿيندي، پگهارن ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جا امڪان

ڪراچي: سنڌ سرڪار طرفان مالي سال 23-2022 جِي 1600 ارب رُپين جي ماليت واري بجيٽ سڀاڻي پيش ڪئي ويندي، پگهارن ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جا امڪان آھي

 صوبائي ترقياتي بجيٽ 250 ارب ۽ ضلعي ترقياتي بجيٽ 30 ارب رُپيا ڪرڻ جي تجويز، ذريعن  موجب صحت ۽ تعليم جي بجيٽ ۾ 6-6 سيڪڙو واڌ جا امڪان آهن، 25 يونيورسٽيز جي گرانٽ ۾ 4 کان 5 سيڪڙو واڌ جا امڪان آھن

 يوريا ڀاڻ، چانورن جي ٻِج ۽ زرعي دوائن تي آبادگارن کي سبسڊي ڏيڻ لاءِ 3 ارب رُپيا رکڻ جا امڪان، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ۾ سڀاڻي سنڌ ڪابينا جي اجلاس دوران بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔