لانگ مارچ دوران ھنگامن واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي 38 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد: اسلام آباد جي مقامي عدالت لانگ مارچ دوران هنگامن جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي 38 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي عبوري ضمانت ۾ 20 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي آھي

 شاهه محمود قريشي، اسد عمر، شيخ رشيد، فواد چوڌري، زرتاج گُل ۽ شيرين مزاري سوڌو ٻين اڳواڻن جي عبوري ضمانت منظور ڪئي وئي آھي

 پراسيڪيوٽر کي عدالتي ڪمري ۾ ئي سڀني کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئيوئي، ضمانت درخواستن تي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جا اڳواڻ مقامي عدالت ۾ پيش ٿيا

اسلام آباد پوليس پاران لانگ مارچ دوران ھنگامن جو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، پوليس پاران سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي ھئي جنھن ۾ عمران خان کي ھنگامن جو ذميوار قرار ڏنو ويو ھو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔