سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي فعال ڪرڻ جو فيصلو،نئون بل آڻڻ جون تياريون

ڪراچي: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي فعال ڪرڻ جو فيصلو،نئون بل آڻڻ جون تياريون ڪيون ويون آھن،سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ نئون بل پيش ٿيندو

ڪميشن 2022ع بل منظور ٿيڻ جي صورت ۾ هلندڙ هفتي ئي لاڳو ٿي ويندو، 1989ع جي ايڪٽ تحت ماضي ۾ ٿيل سمورن فيصلن کي قانوني تحفظ هوندو

بل تحت ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرز جي مقرري جو مُدو 5 مان گهٽائي 4 سال ڪيو ويندو

چيئرمين ۽ ميمبرز رڳو هڪ ڀيرو مقرر ٿي سگهندا، 50 سيڪڙو ميمبرز نجي شعبي مان رکيا ويندا، وڏي وزير جي سفارش تي گورنر ڪميشن جو چيئرمين مقرر ڪندو، ميمبرز جي مقرري جو  اختيار وڏي وزير وٽ هوندو

نئين قانون تحت ڪميشن جي  چيئرمين ۽ ميمبرز کي ذميواري  سنڀالڻ کان اڳ حلف پڻ کڻايو ويندو، ڪميشن ۾ هڪ عورت ۽ هڪ  نان مسلم ميمبرز شامل هوندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔